دريا خان چانڊيو

دريا خان چانڊيو : دريا خان ولد سالار خان چانڊيي جو ڳوٺ هاڻوڪي تعلقي سڪرنڊ ۾ هو ۽ هي شادي خان چانڊيي جو ڀاءُ هو. پاڻ ٽالپرن جي دور ۾ ٺٽي جو مختيارڪار هو. 1786ع ۾ جڏهن مير سهراب خان ٽالپر جي ڀاءُ مير غلام محمد خان ٽالپر عمرڪوٽ تي ڪاهه ڪئي ته حيدرآباد جي والي مير فتح علي خان، دريا خان چانڊيي کي ڪجهه ماڻهو ڏئي مير غلام محمد خان ٽالپر جي واهر لاءِ موڪليو. جڏهن دريا خان چانڊيو عمرڪوٽ پهتو ته عين ان وقت مير غلام محمد خان ٽالپر عمرڪوٽ جي راجپوتن جي لشڪر هٿان شهيد ٿي پيو ۽ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. دريا خان مير صاحب جي لشڪر کي گڏ ڪري همٿايو ۽ ٻيهر راجپوتن سان جنگ جوٽي ۽ ڏاڍي جوش سان وڙهيو. آخر ان ويڙهه ۾ هو پاڻ به شهيد ٿي ويو. سندس ميت کي حيدرآباد آڻي پڪي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو. هاڻي سندس قبر جا نشان موجود نه رهيا آهن.


لفظ دريا خان چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو